Sindhi Grammar MCQs - Sindhi Language Practice | PakExamPoint

Practise Sindhi Grammar MCQs in Sindhi Language. Attempt multiple-choice questions, check answers and revise related subtopics.

Sindhi Grammar MCQs and revision practice

Study Sindhi Grammar through multiple-choice questions in Sindhi Language. This subtopic contains 114 practice questions. Read the wording carefully, compare the options and attempt an answer before checking the solution in learning mode.

Use these Sindhi Grammar MCQs to identify the facts, rules or methods you need to revise. Where an explanation is available, work through it and write down why your chosen option was correct or incorrect. Revisit difficult questions after reviewing your notes, then use exam mode for timed practice.

Continue your revision with related topics: First in Sindhi History MCQs, General Question in Sindhi MCQs, Sindhi Adab MCQs, Sindhi Famous Books & Authors MCQs.

Return to all Sindhi Language topics to choose your next area of study. Read the MCQ study guide to plan your revision, or try a Sindhi Language practice quiz.

Sindhi Grammar: questions and answer review

Try each question before opening its answer. Record the concept behind each mistake and revisit it during your next practice session.

101. عبارت: تاريخ ۾ پھريون ڀيرو، پاڪستان جو جھنڊو کوڙڻ واريءَ جنهن خاتون جو ذڪر ڪيو ٿو، اھا ھئي بيگم صغرا ھدايت الله، جيڪا آل انڊيا مسلم ليگ وومين ڪاميٽي جي صدر پڻ ھئي. سندس جنم جو ھنڌ سنڌ جو تاريخي شهر شڪارپور آھي. تن ڏينهن جي رواج مطابق کيس گھر ۾ تعليم ڏياري وئي۔

Check answer and explanation

Answer: جواب وضاحت ۾ ڏسو

Explanation عبارت : تاريخ ۾ پھريون ڀيرو، پاڪستان جو جھنڊو کوڙڻ واريءَ جنهن خاتون جو ذڪر ڪيو ٿو، اھا ھئي بيگم صغرا ھدايت الله، جيڪا آل انڊيا مسلم ليگ وومين ڪاميٽي جي صدر پڻ ھئي. سندس جنم جو ھنڌ سنڌ جو تاريخي شهر شڪارپور آھي. تن ڏينهن جي رواج مطابق کيس گھر ۾ تعليم ڏياري وئي۔ ان وقت ھندوستان تي انگريزن جو راڄ ھو ۽ سنڌ، بمبئي پريزيڊنسي ۾ شامل ڪئي وئي ھئي، تڏهن نوجوان سياستدان کي بمبئي پريزيڊنسي طرفان صدر چونڊيو ويو ۽ ھو اٺن سالن تائين وزير رھيو. جڏهن مسلم ليگ، عورتن جي سب ڪاميٽي جوڙي وئي تہ ان جو صدر بيگم صغرا کي چونڊيو ويو۔ سندس ساٿي ڪارڪنن ۾ بيگم شعبان ۽ مس ولي محمد جا نالا ذڪر جوڳا آھن. ھن ڪاميٽيءَ جو پھريون اجلاس ڪراچي شهر جي گانڌي گارڊن ۾ ٿيو. ان اجلاس کي بيگم ھدايت الله ۽ بيگم شفيع خطاب ڪيو۔ ھن عبارت ۾ صفت قطاري ڪيترا ڀيرا ڪتب آندو ويو آھي؟ ٻہ ھن عبارت مان مرڪب لفظ چونڊيو؟ پاڪستان ھن عبارت جي آخري جملي ۾ موجود ضمير جي ترڪيب ڪريو؟ ضمير اشارو، عدد واحد، جنس مذڪر، حالت مفعول ھي عبارت ڪھڙي صنف سان واسطو رکي ٿي؟ سوانح حيات ھي عبارت فعل جي ڪھڙي زمان تي آڌاريل آھي؟ زمان ماضي

102. عبارت: استاد: مارئي، تون تعليم حاصل ڪري ڇا ٿيندينءَ؟ مارئي: سائين آءٌ تعليم حاصل ڪري ڊاڪٽرياڻي ٿينديس ۽ ملڪ جي ماڻهن جو علاج ڪري سندس خدمت ڪنديس۔

Check answer and explanation

Answer: جواب وضاحت ۾ ڏسو

Explanation عبارت : استاد: مارئي، تون تعليم حاصل ڪري ڇا ٿيندينءَ؟ مارئي: سائين آءٌ تعليم حاصل ڪري ڊاڪٽرياڻي ٿينديس ۽ ملڪ جي ماڻهن جو علاج ڪري سندس خدمت ڪنديس۔ استاد: عابد، ڀلا تون وڏو ٿي ڇا ڪندين؟ عابد: سائين آءٌ انجنيئر ٿيندس ملڪ ۾ پڪا رستا، عمارتون ۽ پليون ٺاھيندس۔ استاد: تمام سٺو انجنيئر به ملڪ جي ترقيءَ لاءِ گھڻو ڪم ڪري سگھن ٿا۔ استاد: ساجن، تنھنجي ڇا مرضي آھي؟ ساجن: سائين اسين غريب آھيون آءٌ وڌيڪ پڙھي ڪو نه سگھندس. آءٌ پنهنجي پيءُ وانگر آفيس ۾ نائب قاصد ٿيندس۔ استاد: نوري توھان پنھنجي لاءِ ڇا سوچيو آھي؟ نوري: سائين آءٌ وڏي ٿي استاد ٿينديس ۽ پنھنجي ڳوٺ جي ڇوڪرين کي اوھان وانگر محنت سان پڙھائينديس۔ استاد: واھ واھ! اھو ته پيغمبري پيشو آھي۔ ھن عبارت ۾موجود اھڙو جملو جنهن ۾ تشبيهه استعمال ٿيل آھي، اھو ڪنھن ڳالھايو آھي؟ نوري ھن عبارت جي آخري جملي موجب لفظ پيغمبري وياڪرڻ جي ڪھڙي حيثيت رکي ٿو؟ صفت ھن عبارت ۾ سڀني کان وڌيڪ فعل ڪنھن ڳالھايو جملي ۾ استعمال ٿيل آھن؟ مارئي ھن عبارت جو بھتر مقصد ڪھڙو ٿي سگهي ٿو؟ زندگيءَ جو مقصد مقرر ڪرڻ ھي عبارت ڪھڙي ڌنڌي جي اھميت کي اجاگر ڪري رھيو آھي؟ استاد Last verified on 17-03-2026

103. لفظ اسم مشتق يا ڪردنت ڪھڙو آھي؟

Check answer and explanation

Answer: ايندڙ

Explanation لفظ اسم مشتق يا ڪردنت ايندڙ آھي

104. ورزش ڪرڻ تي خرچ نه ٿيندو آھي ۽ نه ئي وري مونکي تڪليف ٿيندي آهي. ھن جملي مان ضمير چونڊيو؟

Check answer and explanation

Answer: مونکي

Explanation ورزش ڪرڻ تي خرچ نه ٿيندو آھي ۽ نه ئي وري مونکي تڪليف ٿيندي آهي. ھن جملي ۾ ضمير لفظ مونکي آھي

105. ھيٺين مان فعل اڪرترڪ جملو ڪھڙو آھي؟

Check answer and explanation

Answer: پينگھي ۾ لڏبو آھي

Explanation ھيٺين مان فعل اڪرترڪ جملو: پينگھي ۾ لڏبو آھي ۔

106. لفظ اسم حاليا ڪھڙو آھي؟

Check answer and explanation

Answer: ڀريندو

Explanation لفظ اسم حاليا ڀريندو آھي

107. ھيٺ ڏنل جملن مان حرف ندا کي ظاھر ڪندڙ جملي جي چونڊ ڪريو؟ احمد اچ ته ڳوٺ ھلون، غريب کي محنت ڪرڻي پوي ٿي، تون سڀاڻي تمام پري ويندين، انهن مان ڪو به نه

Check answer and explanation

Answer: احمد اچ ته ڳوٺ ھلون

Explanation حرفِ ندا اهڙو لفظ هوندو آهي، جيڪو ڪنهن کي سڏڻ يا مخاطب ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي۔ هن جملي ۾ “ احمد ” کي سڏيو ويو آهي، تنهنڪري هي حرفِ ندا کي ظاهر ڪري ٿو۔ Last verified on 14-03-2026

108. علي ماني کائي ٿو. مٿئين جملي مان اھڙو لفظ چونڊيو جنهن تي اثر ٿئي پيو؟

Check answer and explanation

Answer: ماني

Explanation علي ماني کائي ٿو. مٿئين جملي ۾ لفظ ماني تي اثر ٿئي پيو

109. ھيٺين مان اھڙو جملو چوندو جنهن ۾ اسم يا ضمير جي حالت جري ھجي؟

Check answer and explanation

Answer: ڪي ماڻھو پنھنجي منھن کلندا آھن

Explanation ھيٺين مان اھڙو جملو چوندو جنهن ۾ اسم يا ضمير جي حالت جري ھجي: ڪي ماڻھو پنھنجي منھن کلندا آھن

110. عبارت: جيئن جيئن اسلام جو پيغام، عربستان جون حدون اورانگهي اڳتي وڌڻ لڳو ته عجمي ماڻهن لاءِ قرآن شريف جي سکيا، اصول، فائدا ۽ تعليم کي سمجهڻ اوکو ٿي پيو تڏهن اھا ضرورت محسوس ڪئي

Check answer and explanation

Answer: جواب وضاحت ۾ ڏسو

Explanation عبارت : جيئن جيئن اسلام جو پيغام، عربستان جون حدون اورانگهي اڳتي وڌڻ لڳو ته عجمي ماڻهن لاءِ قرآن شريف جي سکيا، اصول، فائدا ۽ تعليم کي سمجهڻ اوکو ٿي پيو تڏهن اھا ضرورت محسوس ڪئي وئي ته اسلامي تعليمات سمجهائڻ لاءِ ماڻهن کي سندن ٻولين ۾ قرآن مجيد سمجھايو وڃي . اھا خدمت مجتهدن ڪئي، جن جو اڳواڻ عجمي نسل مان امام ابو حنيفہ ھو۔ امام ابو حنيفہ جو اصل نالو نعمان بن ثابت ھو. پاڻ عراق جي شھر ڪوفي ۾، 80 ھجريءَ ۾ ڄائو. ابو حنيفہ سندن ڪنيت يا سڃاڻپ ھئي. امام ابو حنيفہ جو ڏاڏو زوطا اسلام کان اڳ واري سنڌ جي نقشي جي خيال کان، سنڌي ھو. حضرت علي ڪرم الله وجهه جي ھٿ تي امام ابو حنيفہ جي پيءُ اسلام قبول ڪيو. امام ابو حنيفہ، مسلم امت جو ھڪ وڏو امام ۽ عالم ٿي گذريو آھي. ھيءُ پھريون عالم آھي، جنهن قرآن شريف کي فارسيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جي فتويٰ ۽ اجازت ڏني. ان ڪري ٻين ٻولين ۾ ترجمي جي ذريعي، قرآن پاڪ کي سمجهڻ وڏو آسان ٿي پيو۔ ھن عبارت ۾ ڪتب آندل لفظ اصول جملي ۾ وياڪرڻ (گرامر) موجب ڪھڙي حيثيت رکي ٿو؟ اسم ھن عبارت جي آخري سٽ ۾ موجود لفظ وڏو وياڪرڻ (گرامر) موجب ڪھڙي حيثيت رکي ٿو؟ ظرف ھن عبارت ۾ لڪير (سمجھايو وڃي) ڏنل فقرو، فعل جي ڪھڙي قسم کي ظاھر ڪري ٿو؟ فعل مرڪب ھن عبارت جي پهرين جملي ۾ استعمال ٿيل لفظ عربستان جي ترڪيب ڪريو؟ اسم خاص، عدد واحد، جنس مذڪر، حالت مفعولي ھي عبارت سنڌي ادب جي ڪھڙي صنف سان واسطو رکي ٿي؟ سوانح

Found a mistake? Use “Report correction” in the practice tool or contact us with the question and a supporting source.