عبارت: جيئن جيئن اسلام جو پيغام، عربستان جون حدون اورانگهي اڳتي وڌڻ لڳو ته عجمي ماڻهن لاءِ قرآن شريف جي سکيا، اصول، فائدا ۽ تعليم کي سمجهڻ اوکو ٿي پيو تڏهن اھا ضرورت محسوس ڪئي
Sindhi Language / Sindhi Grammar — Multiple-choice practice
- A. جواب وضاحت ۾ ڏسو
Correct answer
جواب وضاحت ۾ ڏسو
Explanation
Explanation عبارت : جيئن جيئن اسلام جو پيغام، عربستان جون حدون اورانگهي اڳتي وڌڻ لڳو ته عجمي ماڻهن لاءِ قرآن شريف جي سکيا، اصول، فائدا ۽ تعليم کي سمجهڻ اوکو ٿي پيو تڏهن اھا ضرورت محسوس ڪئي وئي ته اسلامي تعليمات سمجهائڻ لاءِ ماڻهن کي سندن ٻولين ۾ قرآن مجيد سمجھايو وڃي . اھا خدمت مجتهدن ڪئي، جن جو اڳواڻ عجمي نسل مان امام ابو حنيفہ ھو۔ امام ابو حنيفہ جو اصل نالو نعمان بن ثابت ھو. پاڻ عراق جي شھر ڪوفي ۾، 80 ھجريءَ ۾ ڄائو. ابو حنيفہ سندن ڪنيت يا سڃاڻپ ھئي. امام ابو حنيفہ جو ڏاڏو زوطا اسلام کان اڳ واري سنڌ جي نقشي جي خيال کان، سنڌي ھو. حضرت علي ڪرم الله وجهه جي ھٿ تي امام ابو حنيفہ جي پيءُ اسلام قبول ڪيو. امام ابو حنيفہ، مسلم امت جو ھڪ وڏو امام ۽ عالم ٿي گذريو آھي. ھيءُ پھريون عالم آھي، جنهن قرآن شريف کي فارسيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جي فتويٰ ۽ اجازت ڏني. ان ڪري ٻين ٻولين ۾ ترجمي جي ذريعي، قرآن پاڪ کي سمجهڻ وڏو آسان ٿي پيو۔ ھن عبارت ۾ ڪتب آندل لفظ اصول جملي ۾ وياڪرڻ (گرامر) موجب ڪھڙي حيثيت رکي ٿو؟ اسم ھن عبارت جي آخري سٽ ۾ موجود لفظ وڏو وياڪرڻ (گرامر) موجب ڪھڙي حيثيت رکي ٿو؟ ظرف ھن عبارت ۾ لڪير (سمجھايو وڃي) ڏنل فقرو، فعل جي ڪھڙي قسم کي ظاھر ڪري ٿو؟ فعل مرڪب ھن عبارت جي پهرين جملي ۾ استعمال ٿيل لفظ عربستان جي ترڪيب ڪريو؟ اسم خاص، عدد واحد، جنس مذڪر، حالت مفعولي ھي عبارت سنڌي ادب جي ڪھڙي صنف سان واسطو رکي ٿي؟ سوانح
Continue with Sindhi Grammar MCQs, explore all Sindhi Language topics, or try the Sindhi Grammar practice quiz.
More Sindhi Grammar questions
- ھيٺ ڏنل جملي ۾ ڪتب آندل ضميرن جو تعداد ٻڌايو؟ پاڻ سڳورن صه ان انسان کي ڀلو سڏيو آھي جيڪو پاڻ علم سکي ٿو ۽ ٻين کي سيکاري ٿو
- ھيٺين مان اھڙي جملي جي چونڊ ڪريو جيڪو وياڪرڻ جي اصولن موجب غلط ھجي؟ جٿي ڪٿي مينھن وسي رهيو آھي، ھيءَ ڪتاب مون پاڻ خريد ڪيا آھن، سڀني جاندارن کي موت اچڻو آھي، محنت سان ڪاميابي ملندي آھي
- ھيٺ ڏنل جملي مان مفعول چونڊيو: ڪانءُ ماني کڻي پري اڏامي ويو؟
- عبارت: شھزاد: سائين، ڪينجهر ڍنڍ تي اهو نالو ڪيئن پيو؟ استاد: چون ٿا ته ڪينجهر نالي هڪ مھاڻو ھو، جيڪو اتي رھندو ھو. سندس نالي جي پٺيان ھن ڍنڍ تي اھو نالو پئجي ويو. ھيءَ ڍنڍ ٺٽي ضلعي ۾ آھي۔
- ھيٺين مان فعل اڪرترڪ جو جملو چونڊيو: عباس ستو پيو آھي، واڄي مان آواز پيو اچي، گھوڙو ڊوڙي ٿو، انھن مان ڪو بہ نہ
- ھيٺ ڏنل جملي مان مفعول چونڊيو: احمد بئٽ کڻي بال کي زور سان ھنئي ته بال پري ھليو ويو؟
Found an error? Report a correction with this page URL and a supporting source.