Sindhi Grammar MCQs - Sindhi Language Practice | PakExamPoint

Practise Sindhi Grammar MCQs in Sindhi Language. Attempt multiple-choice questions, check answers and revise related subtopics.

Sindhi Grammar MCQs and revision practice

Study Sindhi Grammar through multiple-choice questions in Sindhi Language. This subtopic contains 114 practice questions. Read the wording carefully, compare the options and attempt an answer before checking the solution in learning mode.

Use these Sindhi Grammar MCQs to identify the facts, rules or methods you need to revise. Where an explanation is available, work through it and write down why your chosen option was correct or incorrect. Revisit difficult questions after reviewing your notes, then use exam mode for timed practice.

Continue your revision with related topics: First in Sindhi History MCQs, General Question in Sindhi MCQs, Sindhi Adab MCQs, Sindhi Famous Books & Authors MCQs.

Return to all Sindhi Language topics to choose your next area of study. Read the MCQ study guide to plan your revision, or try a Sindhi Language practice quiz.

Sindhi Grammar: questions and answer review

Try each question before opening its answer. Record the concept behind each mistake and revisit it during your next practice session.

91. شاعري: ٻارو اچي مڙو ھڪ ماڳ ڳايون چئن مندن جو راڳ ھڪڙي تن مان آھي بھار ھيءَ مند آھي واھ جا ٻار

Check answer and explanation

Answer: جواب وضاحت ۾ ڏسو

Explanation شاعري : ٻارو اچي مڙو ھڪ ماڳ ڳايون چئن مندن جو راڳ ھڪڙي تن مان آھي بھار ھيءَ مند آھي واھ جا ٻار وڻ ٽڻ ڏسجن ٿا سڀ سهڻا باغ لڳن ٿا من کي مھڻا گل ڦل باغن منجهه ٽڙن پکي به مٺڙيون ٻوليون ڪن وڃي بھار ته اچي اونھارو ڊول انھيءَ جو آھي نيارو ھن شاعري ۾ استعمال ٿيل لفظ مھڻا جو ھن معني لفظ چونڊيو؟ متاثر ڪرڻ ھي سٽون شاعري جي ڪھڙي صنف سان واسطو رکن ٿيون؟ نظم ھن شاعري جو مرڪزي خيال ٻڌايو؟ مندن جو احوال لفظ نمونو جو ھن معني لفظ، شاعري جي ھنن سٽن ۾ ڳوليو؟ ڊول ھن شاعري ۾ لفظ نيارو جو ابتڙ مطلب رکندڙ لفظ ٻڌايو؟ عام Last verified on 14-03-2026

92. عبارت: آءٌ برسات آھيان، مون کي مينھن، بارش ۽ وسڪارو به چوندا آهن. آءٌ ڪڏهن به وسي سگھان ٿي۔

Check answer and explanation

Answer: جواب وضاحت ۾ ڏسو

Explanation عبارت : آءٌ برسات آھيان، مون کي مينھن، بارش ۽ وسڪارو به چوندا آهن. آءٌ ڪڏهن به وسي سگھان ٿي. سانوڻ جي مند ۾ خاص ڪري وسندي آھيان. مون کي ماڻهو الله جي رحمت چوندا آھن. آسمان تي ڪارا ڪڪر ڏسو، ته سمجهو آءٌ اچڻ واري آھيان. ماڻهو، پکي، جيت، جانور، وڻ ۽ ٻوٽا مونکي ساريندا آھن. منهنجي وسڻ سان ڌرتيءَ مان قسمين قسمين گاھ ۽ ٻوٽا ڦٽي نڪرندا آھن. منھنجي وسڻ کانپوءِ ڌرتيءَ مان وڻندڙ سرھاڻ ايندي آھي۔ ھي عبارت ڪھڙي صنف سان واسطو رکي ٿي؟ آتم ڪٿا ھن عبارت ۾ استعمال ڪيل لفظ ساريندا جي ابتڙ معني رکندڙ لفظ ٻڌايو؟ وساريندا ھن عبارت ۾ لفظ سمجهو، ويا ڪرڻ جي اصولن موجب ڪھڙي حيثيت رکي ٿو؟ فعل ھن عبارت ۾ لفظ ڦٽي ڪھڙي مقصد لاءِ استعمال ٿيل آھي؟ پيدا ٿي ھن عبارت جو مرڪزي خيال ڪھڙو آھي؟ برسات جي ڪھاڻي Last verified on 14-03-2026

93. ھيٺين مان اھڙي جملي جي چونڊ ڪريو جنھن ۾ ڪا غلطي موجود آھي: عمر ڪوٽ کان ڍورو نارو ڏانهن رستو نڪرندو آھي، ڪپڙو قديم ايجادن مان ھڪ آھي، توکان دروازو کليل رھجي ويو ھوندو، انھن مان ڪو بہ نہ

Check answer and explanation

Answer: عمر ڪوٽ کان ڍورو نارو ڏانهن رستو نڪرندو آھي

Explanation ھيٺين مان اھڙي جملي جي چونڊ ڪريو جنھن ۾ ڪا غلطي موجود آھي: عمر ڪوٽ کان ڍورو نارو ڏانهن رستو نڪرندو آھي

94. ھيٺين مان اھڙو جملو چونڊيو جنھن ۾ ڪا به غلطي نه آهي؟ ڊگھڙي ۽ جھڏي واري پاسي، پراڻ درياھ جا آثار اڄ به موجود آهن، سانوڻي جي مند ۾ درياھ مان تمام گھڻا پلا ڦاسايا ويندا آهن، اسان جي ملڪ ۾ غريبن جي وڏي تعداد رھي ٿي، انهن مان ڪو به نه

Check answer and explanation

Answer: ڊگھڙي ۽ جھڏي واري پاسي، پراڻ درياھ جا آثار اڄ به موجود آهن

Explanation ڊگھڙي ۽ جھڏي واري پاسي، پراڻ درياھ جا آثار اڄ به موجود آهن هي جملو گرامر ۽ لفظن جي استعمال جي لحاظ سان صحيح ۽ صاف معنيٰ رکي ٿو۔ باقي جملن ۾ لفظن جي ترتيب يا استعمال ۾ ننڍيون غلطيون موجود آهن، تنهنڪري اهي مڪمل صحيح نه آهن۔ Last verified on 18-03-2026

95. ھيٺين مان درست جملي جي چونڊ ڪريو؟ ھيءُ اسڪولُ ننڍڙو آھي، ھيءَ اسڪول ننڍڙو آھي، ھيءَ اسڪولُ ننڍڙو آھي، انهن مان ڪو به نه

Check answer and explanation

Answer: ھيءُ اسڪولُ ننڍڙو آھي

Explanation هيءُ اسڪولُ ننڍڙو آهي هيءُ لفظ مذڪر يا مرکب مضمون لاءِ صحيح ضمير طور استعمال ٿيو آهي۔ جملي جي بناوٽ ۽ لفظن جو ميل صحيح هجڻ سبب اهو درست جملو آهي۔ Last verified on 19-03-2026

96. عبارت: پھريون: سنڌ جي ماٿيلي واري ڀاڱي تي، گجر ذات جو راجا نند حڪومت ڪندو ھيس. کيس دولت ڪٺي ڪرڻ ۽ شڪار ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو

Check answer and explanation

Answer: جواب وضاحت ۾ ڏسو

Explanation عبارت : پھريون: سنڌ جي ماٿيلي واري ڀاڱي تي، گجر ذات جو راجا نند حڪومت ڪندو ھيس. کيس دولت ڪٺي ڪرڻ ۽ شڪار ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. ھڪ ڀيري ڪنهن جانور جو شڪار ڪري، ان جو ھٿ ڪيائين ۽ ان جي مدد پنھنجو سمورو خزانو درياهہ جي ٻيٽ ۾ لڪائي ڇڏيائين۔ ٻيو: راجا نند کي نو نياڻيون ھيون. منجھانئس وڏي سومل سڀني کان عقلمند ھئي ۽ ننڍي مومل سڀني کان وڌيڪ سھڻي ھئي. راجا بہ کيس ڏاڍو ڀائيندو ھو، ان ڪري اھو جادوئي ڏند کيس سنڀالي رکڻ لاءِ ڏنائين، پر ڏند جي اصلي راز نہ ٻڌايائين۔ ٽيون: ھڪڙي جادوگر کي ڪنھن طرح راجا کي لڪايل خزاني جي خبر پئجي ويئي، سو ھڪ ڏينھن راجا شڪار تي ويل ھو تہ ھُو مومل سان ٺڳي ڪري اھو ڏند وٺي، درياهہ مان سمورو خزانو ڪڍي غائب ٿي ويو. راجا جڏهن شڪار تان موٽيو تہ کيس ڏند وڃائڻ جي خبر پئي. ھو مومل تي ڏاڍو ناراض ٿيو، پر سندس وڏي ڌيءَ سومل آٿت ڏنس تہ ايترو خزانو آءٌ اوھان کي گڏ ڪري ڏينديس۔ چوٿون: سومل پيءُ کان موڪل وٺي، ڪاڪ ڪنڌيءَ تي ھڪڙي ماڙي اڏائي ۽ پنھنجي ڀينرن ۽ نوڪرياڻين کي ساڻ وٺي اتي رھڻ لڳي. ھن پنھنجي ھوشياريءَ سان ماڙي جي چوڌاري جادوءَ جو باغ تيار ڪرايو ۽ ان جي وچان لنگهندڙ سوڙھي رستي تي خوفناڪ جانور بيھاري ڇڏيا، جن جي ڊيڄاريندڙ رڙين تي وڏا وڏا بھادر بہ ڏڪي ويندا ھئا، ان کانسواءِ ڪيترا گمراهہ ڪندڙ ۽ موتمار جادوئي کيل پڻ تيار ڪرائي رکيائين۔ ھن عبارت جي ٻئي پيراگراف جو پھريون جملو فعل جي ڪھڙي صورت کي ظاھر ڪري ٿو؟ فعل ناقص ھن عبارت مان مرڪب لفظ چونڊيو؟ عقلمند ھن عبارت جي ٽين نمبر پيراگراف جي آخري جملي ۾ موجود ضمير متڪلم جي ترڪيب ڪريو؟ ضمير متڪلم، عدد واحد، جنس مؤنث، حالت فاعل ھي عبارت ڪھڙي صنف سان واسطو رکي ٿي؟ لوڪ ڪھاڻي ھي عبارت تجسس سان ڀرپور آھي، پر ڪھڙي پيراگراف ۾ بين کان وڌيڪ تجسس موجود آھي؟ پيراگراف چوٿون

97. شاعري: ڏجئين دين ايمان پنھنجي ڪرم سان، ڪسون قلب مان ڪوري ڪڍجئين ڪفاري

Check answer and explanation

Answer: جواب وضاحت ۾ ڏسو

Explanation شاعري : ڏجئين دين ايمان پنھنجي ڪرم سان ڪسون قلب مان ڪوري ڪڍجئين ڪفاري ڏکن ڏوجھرن جي خزان ڪئي خرابي ڀلا آڻ ڪا سک سندي نوبھاري نڪو خير جو ڪم ڪيوسون، خدايا گناھن ۾ گھاري، عمر سڀ گذاري چڱائيءَ جو رستو بتائج اسان کي ڪريون شال توبهہ جي ترتئون تياري آھيون غير واقف، نڪو سونھون ساٿي اڳيان پيچرا پيا، مٿان رات ڪاري عبادت سندو شوق ڏي تون اسان کي سنوارج سيکارج ھنر سڀ ھزارِي ھي شاعري ترڪيب جي لحاظ کان ھڪ غزل آھي. توھان ٻڌايو تہ اھا معنوي لحاظ سان ڪھڙي صنف سان واسطو رکي ٿي؟ مناجات ھن شاعري ۾ لڪير (سونھون) ڏنل لفظ وياڪرڻ (گرامر) موجب ڪھڙي حيثيت رکي ٿو؟ صفت نوبھاري لفظ جو مقصد سمجھايو؟ نئين خوشحالي ھن شاعري مان اھڙو لفظ چونڊيو جيڪو اصطلاحي طور ڪم آندل نہ ھجي؟ ترتئون شاگردن جي لاءِ ھن شاعري جي ڪھڙي سٽ سڀني کان وڌيڪ اھميت رکي ٿي؟ پھرين سٽ

98. ھيٺين مان اھڙي جملي چونڊ ڪريو جنھن ۾ ڪنهن بہ قسم جي ڪا غلطي موجود آھي: ٻئين درجي جا ٻار ننڍا ھوندا آھن، ڪمپيوٽر ھڪ سٺي ايجاد آھي، پوليس وارا ويٺا هئا، انھن مان ڪو بہ نہ

Check answer and explanation

Answer: ٻئين درجي جا ٻار ننڍا ھوندا آھن

Explanation ھيٺين مان اھڙي جملي چونڊ ڪريو جنھن ۾ ڪنهن بہ قسم جي ڪا غلطي موجود آھي: ٻئين درجي جا ٻار ننڍا ھوندا آھن

99. ضمير خالص جا ڪيترا قسم آھن؟

Check answer and explanation

Answer: ٽي

Explanation ضمير خالص جا ٽي قسم آهن، جيڪي ڳالهائيندڙ ، ٻڌندڙ ۽ جنهن بابت ڳالهه ٿي رهي آهي، انهن تي ٻڌل آهن۔ • ضمير متڪلم : جيڪو ڳالهائيندڙ جي بدران استعمال ٿئي (مثال: مان ، اسين ) • ضمير حاضر / مخاطب : جيڪو ٻڌندڙ جي بدران استعمال ٿئي (مثال: تون ، اوهين ) • ضمير غائب : جيڪو غير موجود شخص لاءِ استعمال ٿئي (مثال: هو ، هي ، اهي ) Last verified on 03-05-2026

100. ھيٺ ڏنل جملن مان حرف ندا کي ظاھر ڪندڙ جملو ڪھڙو آھي: تون سڀاڻي تمام پري ويندين، حيدر تون سڀاڻي شھر ويندين، غريب کي محنت ڪرڻي پوندي، انھن مان ڪو بہ نہ

Check answer and explanation

Answer: حيدر تون سڀاڻي شھر ويندين

Explanation ھيٺ ڏنل جملن مان حرف ندا کي ظاھر ڪندڙ جملو ڪھڙو آھي: حيدر تون سڀاڻي شھر ويندين

Found a mistake? Use “Report correction” in the practice tool or contact us with the question and a supporting source.